ساهيوال جيل جي ڊائري

ساهيوال جيل جي ڊائري

ساهيوال جيل جي ڊائري

ساهيوال جيل جي ڊائري (ڪتاب): هيءُ ڪتاب 1968ع ڌاري شيخ اياز جي ساهيوال جيل ۾ قيد دوران يادگيرين تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ ساهيوال جيل جي احوال سان گڏ سياسي حالتن تي پڻ روشني وڌي وئي آهي. گڏوگڏ دنيا جي بهترين اديبن، دانشورن ۽ سندن فن پارن جا حوالا پڻ موجود آهن.
شيخ اياز، پنهنجي هن ڪتاب ۾ سندس گرفتاريءَ کان ويندي جيل ۾ گهاريل هڪ هڪ ڏينهن جي سرگرمين کي تاريخ وار پيش ڪيو آهي. تحرير جي ان انداز مان ڪيترن ئي اهم ڳالهين ۽ شخصيتن جي ڄاڻ پئي ٿي.
هن ڪتاب جو مهاڳ، سنڌي ادب جي ڪهاڻيڪاره ۽ ناول نگار ماهتاب محبوب لکيو آهي، جنهن ۾ هن لکيو آهي ته، ” اياز جي ٻين تصنيفن جيان زير نظر تصنيف پڻ، ٻين ڊائري نويسن کان مختلف انداز ۾ لکيل آهي. ڳالهه هلندي هلندي، واقعي جي مناسبت سان فليش بئڪ (Flash back) ۾ هليو وڃڻ، جتي ذاتي چاهي سياسي صورتحال جي حوالي سان، ساڻس لاڳاپيل ماڻهن ۽ انهن سان تعلق رکندڙ واقعن جو سلسليوار ذڪر ڪندي، واپس اصل موضوع تي اچي وڃڻ.“
هن ڪتاب ۾ ان دؤر جو تجزيو، موجوده حالتن جي مناسبت سان وڏيءَ اهميت جو حامل آهي. ڪتاب جي ٻولي نهايت وڻندڙ ۽ سليس آهي، ڪن موزون جاين تي حوالي طور شعرن جو استعمال پڻ ڪيو ويو آهي.
هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد طرفان، مئي 1986ع ۾ ڇپيو. خوبصورت ٽائيٽل سان ڊيمي سائيز جو هيءُ ڪتاب 259 صفحن تي مشتمل آهي.
ڪتاب جي ڪچي جلد جي قيمت 35 روپيا ۽ پڪي جلد جي قيمت 45 روپيا آهي.


لفظ ساهيوال جيل جي ڊائريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو